پنڊت 2

پنڊت2: موسيقيءَ جي عالم کي به پنڊت چوندا آهن. هن دؤر ۾ هن علم جي ڄاڻوءَ جي ڄاڻ پي ايڇ. ڊي جي ڊگريءَ برابر سمجهڻ گهرجي. پنڊت لاءِ لازمي آهي ته هُو نه صرف راڳ، پر علم ابجد جو به ماهر هجي. راڳن کي شروعات کان سڃاڻندو هجي ۽ پنهنجا راڳ ٺاهيندو هجي. پنڊت کان هيٺ ’گُڻي‘، ان کان هيٺ ’گندرپ‘، ان کان هيٺ ’بجائڪ‘، ان کان هيٺ ’گايڪ‘ ۽ ان کان هيٺ ’نائڪ‘ ٿين ٿا. هي سڀ علم موسيقيءَ جون ڊگريون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو